سعودي بادشاهه جو پاڪستان لاءِ اهم پيغام

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي قيادت پاڪستاني صدر عارف علوي جي نالي پيغام ۾ پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جي ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

رياض مان خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز پاڪستان ڏهاڙي جي مبارڪ ڏني، جڏهن ته ولي عهد محمد بن سلمان به پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪئي.

هوڏانهن سڄي دنيا جيان جدي ۾ به پاڪستان قونصليٽ ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي تقريب ٿي، قونصل جنرل خالد مجيد تقريب ۾ پرچم ڪشائي ڪئي.

تقريب ۾ پاڪستاني صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، جڏهن ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ امن استحڪام لاءِ دعائون به گهريون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.