بدين، ڏهرڪي، جيڪب آباد، ميهڙ ۽ قمبر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 23 مارچ يوم پاڪستان جو ڏهاڙو ملهايو ويو
بدين ۾ ڊي سي شاهنواز خان جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رسم ادا ڪئي، پوليس جي چاڪ و چوبند جٿي سلامي ڏني
ڏهرڪي ۾ فنڪشنل ليگ پاران درگاههِ عاليا ڀرچونڊي ريلي ڪڍي پاڪستان ۽ پاڪ فوج زنده آباد جي نعرا هنيا ويا
جيڪب آباد ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران 23 مارچ قرارداد پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان ڊي سي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ملڪ ۽ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا
جڏهن ته قمبر جي هاءِ اسڪول ۾ شاگردن پاران يوم پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، شهيد ڀُٽو پاران جناح باغ کان ريلي ڪڍي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي مقررن يوم پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ تاريخي قرارداد منظور ڪئي جنهن جي بنياد تي مسلمان برصغير ۾ پنهنجو الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
هنن چيو ته وڏڙن جي لازوال قربانين ۽ محنتن کانپوءِ هي ملڪ مليو آهي، اسان پنهنجي ملڪ لاءِ جان جو نظرانو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوم پاڪستان جو ڏهاڙو ملهايو ويو، شاندار تقريبون
Next Post
You might also like