دبئي ۾ سون ۽ چاندي جا سِڪا ڇو جاري ٿي رهيا آهن؟ سبب سامهون اچي ويو

 

گڏيل عرب امارتن گذريل سال سون ۽ چاندي جا سڪا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جو سبب هاڻ سامهون اچي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب دبئي ملٽي ڪموڊٽيز سينٽر گذريل ڏينهن پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته گذريل سال قيمتي معدنيات بابت دبئي ڪانفرنس ۾ سون ۽ چاندي جا سڪا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، هاڻ اهي جاري ڪيا پيا وڃن ۽ اها سڪا يورپي ڪمپني ”چيڪ مينٽ“ تيار ڪيا آهن.

دبئي ملٽِ ڪموڊٽيز سينٽر گڏيل عرب امارتن جي 50 ورهين جي ڪاميابين کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سون ۽ چاندي جا سڪا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ اها سڪا رمضان کانپوءِ مارڪيٽ ۾ موجود هوندا.

نون سڪن ۾ ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ته دبئي سڄي دنيا ۾ قيمتي ڌاتن ۽ سون جي ڪاروبار کي هٿي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.