ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ وفاق سنڌ سان سهڪار ڪري رهيو آهي، اسان جو نعرو ”ٿر تبديل ڪندو پاڪستان“ حقيقت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.
ٿر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ 1650 ميگا واٽ بجلي جي ٻن منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو خوشي آ ته وزيراعظم ٿر ۾ موجود آهي، وفاقي وزير ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ٿرڪول بورڊ جو سربراهه سنڌ جو وڏو وزير ۽ نائب سربراهه وفاقي وزير آهي، گذريل 4 سالن کان ٿرڪول تي محنت ڪري رهيا هئاسين.
هن چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ته واضح فرق محسوس ٿي رهيو آهي، ٿرڪول سان 3 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ڪجهه سالن ۾ ٿرپارڪر جي صورت تبديل ٿي ويندي، تعليم، صحت ۽ روزگار ۾ بهتري ايندي.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ٿرپارڪر مان ماڻهو ٻئي هنڌ وڃي ڪم ڪندا هئا پر هاڻ ٿرپارڪر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ماڻهو تنقيد ڪندا آهن پر انهن لاءِ جواب ٿرڪول منصوبو آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ سان منهنجو يا توهان جو نه ملڪ جو نالو ٿيندو آهي.