ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي فلڪياتي مرڪز رمضان المبارڪ جي چنڊ جي پهرين تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي.
رمضان المبارڪ جي چنڊ جي تصوير اربع تي ابوظهبي مان ورتي وئي.
سينٽر جو چوڻ آهي ته ”جديد اوزارن جي مدد سان ابوظهبي ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ صبح 8 لڳي 15 منٽن تي نظر اچي ويو آهي.
هي تصوير بين الاقوامي فلڪياتي مرڪز جي تحت الختم آبزرويٽري ۾ ورتي وئي هئي.
واضح رهي ته سعودي عرب سميت اڪثر اسلامي ملڪن ۾ اربع ڏينهن رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر ناهي آيو.