ڪولمبو: (ويب ڊيسڪ) بدترين معاشي بحران جو شڪار سريلنڪا کي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کان بيل آئوٽ پيڪيج جي پهرين قسط ملي وئي آهي.
سريلنڪن صدر رانيل وڪرما سنگهي پارليامينٽ ۾ آءِ ايم ايف کان پهرين قسط جي وصولي جي تصديق ڪئي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف پيڪيج گهٽ وياج تي قرضن ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪندو، جنهن سان حڪومت کي معاشي اعتماد ملندو.
انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ سريلنڪا لاءِ 2 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سريلنڪا کي عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان فنڊ ملڻ جو امڪان آهي.