تحريڪ انصاف جو هڪ ٻيو يوٽرن، جلسي جي تاريخ مَٽائي ڇڏيائين

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پنهنجي روايت برقرار رکندي هڪ ٻيو يوٽرن وٺي ڇڏيو.

پي ٽي آءِ مينار پاڪستان لاهور ۾ جلسي جي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪري ڇڏي، هاڻ جلسو 26 بدران 25 مارچ تي ٿيندو.

پي ٽي آءِ جو جلسو تراويحن کانپوءِ شروع ٿيندو ۽ 26 مارچ جي سحري تائين جاري رهندو، عمران خان رات 12 وڳي جلسي سان خطاب ڪندو.

واضح رهي ته پي ٽي آءِ جو مينار پاڪستان تي جلسو 26 مارچ تي هو ۽ انتظاميا به ان جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.