روزي رکڻ سان جسماني ۽ ذهني صحت تي حيران ڪندڙ اثر

رمضان شريف جو ڀلارو مهيني اچڻ وارو آهي جيڪو نه رڳو مذهبي حوالي سان رحمتن وارو مهينو آهي پر صحت جي لاءِ تمام فائدن وارو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته روزي رکڻ سان انسان جي جسم توڙي ذهن تي حيران ڪندڙ هاڪاري اثر پون ٿا. جنرل ڪيڊر ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن پنجاب جي صدر ڊاڪٽر مسعود شيخ جو چوڻ آهي ته هن مهيني ۾ روزا رکڻ سان دماغ جي سيلن جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي ۽ نوان دماغي سيل پيدا ٿيندا يا ٺهندا آهن.

ماهر ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته دنيا جي لڳ ڀڳ پنجويهه سيڪڙو آبادي مسلمان آبادي آهي، جيڪي ٻه سئو کان مٿي ملڪن ۾ رهن ٿا، 61.7 سيڪڙو مسلمان ايشيائي پيسيفڪ ريجن ۾ رهن ٿا ۽ اهو ئي اهو خطو آهي جتي ٿولهه ۽ شگر جي سطح به تمام گهڻي آهي.

هن چيو ته رمضان جي مهيني ۾ روزا رکڻ سان نه رڳو ٿولهه گهٽائي سگهجي ٿي پر دل جي بيماريون ٿيڻ لوءِ لڳڻ سميت ٻين خطرن کان به بچي سگهجي ٿو، روزا رکڻ سان معدي جو هجم گهٽ ٿيندو آهي ۽ جسم مان بيڪار مادا نيڪال ٿي ويندا آهن. روزو رکڻ سان دماغي سيلن ۾ وڏي حد تائين واڌ ٿيندي آهي جنهن سان انسان جو ذهني ڪاروهنوار وڌندو آهي.

هن چيو ته رمضان مهيني ۾ گهٽ کائڻ جي باوجود جسم توانا ۽ تازو رهندو آهي ۽ اهو عمل رمضان شريف ختم ٿيڻ کانپوءِ به جاري رهندو آهي. هن ٻڌايو ته روز افطاري جي وقت رڳو ٽي ڳڙيون ڪتل جو کائڻ سان به ايترا فائدا ٿيندا آهن جنهن جو توهان کي اندازو ئي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.