ميهڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران بوگس آدمشماري، مهانگائي ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙي خلاف پيادل مارچ ڪيو ويو
شهرين ۽ ڪارڪنن نورنبي چانڊيو ، ايڊووڪيٽ عمران لاکير، سومر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪمران سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرآئيني آدمشماري ڪرائي رهيا آهن، سنڌ ۾ بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت ٻين ڌارين کي مڙهيو پيو وڃي
هنن چيو ته ڏهه سالن کان اڳ آدمشماري غير آئيني عمل آهي، سنڌي قوم آدمشماري کي رد ڪري ٿي، سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي قبضي ۾ پيپلزپارٽي ملوث آهي
مظاهرين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڊجيٽل آدمشماري رد ڪرڻ سميت ڌاري آبادڪاري سنڌ جي وسيلن تان قبضا ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو
ميهڙ ۾ ڪيو اي ٽي پاران ڊجيٽل آدمشماري ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف پيادل مارچ
You might also like