هانيا عامر سوئمنگ پول جون تصويرون شيئر ڪري ڦاسي پئي!

من موهڻي اداڪارا هانيا عامر پنهنجي نين تصويرن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻجي وئي.

نوجوان اداڪارا هانيا عامر سوشل ميڊيا تي به گهڻي ايڪٽو رهندي آهي، تازو هن پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ڪئي.

ان پوسٽ ۾ هانيا هڪ سوئمنگ پول ۾ سوئمنگ ڪندي نظر اچي رهي آهي، تصويرن تي هانيا عامر سيئم ري اپ جي لوڪيشن ٻڌائي، جيڪو ٿائلينڊ جي بارڊر سان جڙيل ملڪ ڪمبوڊيا جو صوبو آهي.

اڪثر سوشل ميڊيا واهپيدارن هانيا جي انهن تصويرن تي ناڪاري ڪمينٽ ڪيا آهن.

هڪ واهپيدار لکيو ته هانيا باجي خوف سبب ٻاهر نه پئي نڪري ته پاڪستاني عوام ٽرول ڪندو، گڏوگڏ هن لکيو ته مان توهان جي فين آهيان.

هڪ واهپيدار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو توهان ته بس فضول شاٽس ٺاهي پنهنجي آخرت خراب ڪيو.

هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته اداڪار بي حيائي پکيڙي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.