خانپور ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل گلزر ٻروڙ جي وارثن جو احتجاج

خانپور ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل گلزار ٻرڙو جي امڙ ۽ ڀيڻ پاران پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو
زخمي گلزار ٻرڙو جي امڙ ملوڪان خاتون ۽ ڀيڻ فاطمه جونگل ۽ رحيم آباد پوليس خلاف احتجاج ڪري انصاف جي گهر ڪئي
ان موقعي تي عورت صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهر ۾ داخل ٿي بيگناهه عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي کنڀي وئي
هنن چيو ته گرفتار ڪيل مردن مان گذريل رات گلزار ٻرڙو کي ڪوڙ مقابلو ڄاڻائي هاف فرائي ڪيو آهي، شڪ آهي ته بهار ٻرڙو کي به مقابلو ڄاڻائي نقصان ڏنو ويندو، اختياريون نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏيارين
پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.