ڪلوئي ۽ آسپاس اسڪولن ۾ استادن جي اڻهوند، تعليم تباهي ڪناري تي

ڪلوئي ۽ آسپاس ۾ جي پرائمري اسڪولن ۾ ڪيترائي استاد غير حاضر سماجي اڳواڻ ۽ عوامي آواز جي ٽيم جائزو وٺڻ لاءِ مختلف اسڪولن جو دورو ڪيو
ڳوٺ موسو لنڊ گهوٽو، پاٽار غلام رسول، مولوي خان محمد سميت ٻين ڳوٺن ۽ پاڙن جي اسڪولن مان هڪ اسڪول ۾ هڪ ئي استاد نظر آيو
مختلف اسڪولن جي شاگرد عوامي آواز ٽيم اڳيان دانهيو ته اسڪول استاد نه هئڻ جي ڪري سالن کان بند آهن، نوان ڀرتي ٿيل استاد به ذاتي ڪاروبار ڪرڻ سبب پهرين ڏينهن کان هن وقت تائين ناهن آيا.
ان موقعي تي سماجي اڳواڻ محمد خان لنڊ ٻڌايو ته اڄ صحافين کي تعليم جي تباهي جا منظر ڏيکاريندي ڊي اِي او ٿرپارڪر ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪيون ٿا ته اسڪولن ۾ مقرر استادن کي ڊيوٽين جو پابند ڪرڻ سميت عمارتن جي تعمير ۽ بنيادي سهولتون ڏئي ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.