اڄ جي وڏي مسئلن ڪمزوري، چڙچڙائپ ۽ ڊهني دٻاءَ لاءِ جادوئي اثرن وارو نسخو

مختلف جسماني ڪمزورين، چڙچڙائپ، ذهني دٻاءَ، اينزائٽي، بي خوابي ۽ انهن جي ڪري ٿيندڙ اينسومنيا ان جي ڪري ئي ٿيندڙ ويسر جي بيماري، ڳچي، ڪنڌ ۽ ڪلهن ۾ سور سڀني مسئلن جي لاءِ هيٺ ڄاڻايل نسخو جادوئي اثرن وارو آهي. اڄڪلهه هر ماڻهو جي زندگي ۾ ذهني پريشانيون ۽ دٻاءُ ايتري تائين وڌي ويو آهي جو هر ماڻهو منجهيل نظر اچي ٿو. ڪنهن کي مالي، ڪنهن کي ذهني، ڪنهن کي جنسي لاڳاپن، ڪنهن کي ٻارن، ڪنهن کي نوڪري ۽ ٻين مسئلن جون پريشانيون آهن. اڄڪلهه اهي ماڻهو تمام گهڻا خوشنصيب آهن جيڪي بنا ڪنهن دوا ۽ پريشان جي ننڊ سمهن ٿا، پنهنجي گهر ۽ ڪٽنب سان خوش آهن، پر جيڪي ماڻهو اهڙي حالتن ۾ پاڻ سان ئي جنگ وڙهي رهيا آهن انهن جي لاءِ هي نسخو تمام بهترين ثابت ٿيندو.

اڇا تِر پنجاهه گرام

خس خس پنجاهه گرام

بادام پنجاهه گرام

ڪَدو جا ٻج پنجاهه گرام

ڪاهو جا ٻِج پنجاهه گرام

مصري ڏيڍ سئو گرام

جيڪڏهن ڪو ماڻهو نسخي جو ذائقو وڌائڻ چاهي ته ان ۾ کوپرو به وجهي سگهي ٿو، انهن سڀني شين کي گڏائي گهوٽي وٺو، (خس خس ۾ مٽي هوندي آهي انڪري انکي پهريون ڌوئي صاف ڪري رکو ته جيئن اها صاف ٿي وڃي) نسخو ٺاهڻ جي لاءِ مصري کي الڳ ڪُٽيو، ٻئي صورت ۾ توهان جي مصالحا ڪٽڻ واري مشين خراب ٿي سگهي ٿي، مصري جيئن ته گهڻي سخت هوندي آهي انڪري انکي همام دستي اُکري مُهري جي مدد سان ڪُٽيو وڃي، پوءِ سڀني جي پائوڊر کي گڏائي وٺو، اهو پائوڊر توهان جي لاءِ تمام وڻندڙ ثابت ٿيندو. ڪاهو جو ٻِج بنا گهوٽڻ جي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هاڻي رات جي وقت هڪ گلاس کير ۾ هڪ چمچو انهن سڀني گهوٽيل شين جي پائوڊر جو وجهو پوءِ پيئو، ٿوري ئي ڏينهن ۾ اهو نسخو استعمال ڪرڻ سان توهان جي بي خوابي، ٽينش، اسٽريس يا دٻاءُ، ٿڪاوٽ، جسم جو سور  ۽ ٻيون ڪمزوريون ختم ٿي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.