لاهور (ويب ڊيسڪ) جهنگلي جيوت کاتي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سانڊي جي غير قانوني شڪار جي الزام ۾ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
اختيارين موجب جوابدارن کي فورٽ عباس، هارون آباد ۽ منچن آباد جي علائقن مان گرفتار ڪري وائلڊ لائف ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي چالان ڪيو ويو.
جهنگلي جيوت کاتي جي سيڪريٽري مدثر وحيد چيو ته سانڊي جو نسل خطري ۾ آهي، شڪاري سانڊي جي چرٻي ۽ تيل حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي پڪڙي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته جهنگلي جانورن جي نسل کي بچائڻ لاءِ سخت قانون ٺاهينداسين.