صبا قمر ۽ عمران عباس رومانوي ڊرامي ۾ گڏ نظر ايندا

 

صبا قمر ۽ عمران خان جي نئين ايندڙ ڊرامي ”تمهاري حسن ڪي نام“ جو نئون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي.

ان ڊرامي کي عميرا احمد ۽ سارا قيوم لکيو آهي، جڏهن ته هدايتون ثاقب خان ڏنيون آهن، ڊرامي ۾ صبا قمر ۽ عمران عباس پهريون ڀيرو گڏ نظر ايندا.

ٻين فنڪارن ۾ سلمان شاهد، اسد صديقي ۽ سدرا نيازي شامل آهن.

ڊرامي جي ڪهاڻي سلميٰ ۽ سڪندر نالي نوجوانن جي محبت تي ٻڌل آهي، ان رومانوي ڊرامي جي ڊائلاگز کي شاعراڻي انداز ۾ به پيش ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.