رڳو هڪ رات ۾ اوهان پوڙها ٿي سگهو ٿا: ماهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمر وڌڻ به کل تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ اهو هڪ قدرتي عمل آهي، وچولي عمر ۾ منهن تي گهنج ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن

جيئن اسان جي عمر وڌندي آهي، کل جي ٿولهه گھٽجي ويندي آهي ۽ ان جي لچڪ پڻ ختم ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري گهنج ٿي پوندا آهن.

پر اهو جوانيءَ ۾ به ممڪن آهي ۽ اهو توهان جي ڪجهه عام عادتن جي ڪري آهي.

انهن عادتن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان توهان وقت کان اڳ گنهج ظاهر ٿيڻ کان بچي سگهو ٿا.

سج کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ سج جي الٽرا وائلٽ شعاعن جي ڪري کل کي نقصان پهچندو آهي، کل کي سج جي روشنيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ سان جوانيءَ ۾ گهنج ۽ ڪينسر جو خطرو به وڌي ويندو آهي.

ماهرن موجب سج جي روشنيءَ ۾ گهمڻ وقت ٽوپي جو استعمال ڪريو جڏهن ته سن اسڪرين جو به استعمال ڪارائتو آهي.

سگريٽ واپرائڻ توهان جي چمڙي لاءِ تباهي آهي ۽ نتيجي ۾ ننڍي عمر ۾ منهن تي گنهج ٿي پوندا آهن، خاص ڪري وات جي چوڌاري گهنج ظاهر ٿي پوندا آهن. تنهن ڪري سگريٽ کان پاسو ڪرڻ هڪ سولو حل آهي.

عام چهري جي اشارن جهڙوڪ مرڪڻ سان وات ۽ اکين جي چوڌاري گهنج ظاهر ٿيندا آهي، اهي نراڙ ۽ منهن جي ٻين حصن تي به ٿين ٿا.

ننڊ جي کوٽ ماڻهن کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ٿي.

هڪ مطالعي ۾ دريافت ٿيو ته ننڊ جي گهٽتائي ۽ گهنجن جو سڌي ريت واسطو آهي.

هڪ ٻئي مطالعي مان خبر پئي ته صرف هڪ رات اوجاڳو اوهان جي چهري تي گهنج آڻي سگهي ٿو.

سمهڻ جي عادت به چهري تي گهنج پوڻ جو سبب ٿي سگهي ٿي، پاسا مٽائڻ ابتو سمهڻ يا درست حالت ۾ نه سمهڻ سان گهنج پئجي سگهن ٿا.

ان جو هڪ سولو حل اهو آهي ته پٺي سڌي ڪري آرامده جاءِ تي سمهون.

اهڙيون عادتون جيئن خراب غذا ۽ گهڻو وقت ويهڻ اوهان کي پوڙهو ڪري سگهي ٿو ان لاءِ صحتمند غذا جي چونڊ ڪريو ۽ ورزش ڪريو.

ان سان ٿولهه گهٽائي سگهبي، شگر ۽ ٻين مرضن کان بچي سهبو.

ورزش نه ڪرڻ سان کل کي آڪسيجن جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي ۽ نون سيلز جي پيداوار سست ٿي ويندي اهي جڏهن ته ڪوليجن نالي هڪ اهم هارمون گهنجن کي ممڪن بڻائي ٿو.

کل جو خيال نه رکڻ سان اسان پوڙها ٿي وينداسين ۽ کل خشڪ ۽ حساس ٿيندي ويندي، جيڪڏهن وقت کان اڳ پوڙها ٿيڻ کان بچڻ چاهيو ٿا ته اهي عادتون ختم ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.