ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ رمضان جو چنڊ نظر نه آيو، پهريون روزو جمعي تي ٿيندو

 

ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر نه آيو ۽ اتي پهريون روزو جمعي تي ٿيندو.

ڀارتي ميڊيا موجب جمعيت علماءِ هند اعلان ڪيو آهي ته ڀارت ۾ ڪٿي به رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر نه آيو، تنهن ڪري پهريون روزو 24 اپريل جمعي تي ٿيندو.

هوڏانهن بنگلاديش جي نيشنل مون سائٽنگ ڪميٽي به اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ پهريون روزو 24 اپريل جمعي تي ٿيندو، ڇو ته اڄ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ چنڊ نظر ناهي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.