ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي چيو ويو غلط بياني نه ڪنداسين، مون کي هٽائي اسحاق ڊار کي آندو ويو ۽ پوءِ آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
ڪراچي جي نجي يونيورسٽي ۾ ”پاڪستان ان دي مڊ آف ڪرائسز“ جي عنوان سان مڪالمي ۾ گفتگو ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته موٽر سائيڪل وارن کي پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جي ڳالهه ٿي، پوءِ سوزوڪي ۽ رڪشا وارن کي به سبسڊي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، منهنجي خيال ۾ اهو فارمولو فائديمند ناهي، اها ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ سڀ کان بُري حڪمت عملي آهي.
هن چيو ته جڏهن مان وزير هيس ته وڃي آءِ ايم ايف سان ڳالهايو، اسان قرض وٺي ئي عوام کي سستو پيٽرول ڏئي رهيا هئاسين، آءِ ايم ايف کي چيو ويو ته اسان غلط بياني نه ڪنداسين، پوءِ مون کي هٽايو ويو ۽ اسحاق ڊار وري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته 3 ڀيرا معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي چڪي آهي، هاڻ آءِ ايم ايف پئسا ڏيڻ نٿو چاهي، ان کي اسان تي اعتماد گهٽ آهي، آءِ ايم ايف هاڻ اڳ ۾ ٻين ملڪن کان سيڙپڪاري آڻڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.