زلزلو ڏاڍو ڀوائتو هو، مان بيڊ تان هيٺ ڪِري پيس: عمير جيسوال

 

گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ آيل ڀوائتي زلزلي سان ڪيتريون ئي عمارتون لُڏي ويون ۽ ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو.

ان زلزلي جي نتيجي ۾ خيبر پختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو، جتي 9 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي.

شوبز شخصيتن طرفان زلزلي سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

گلوڪار عمير جيسوال لکيو ته زلزلو ڏاڍو خوفناڪ هو، جنهن دوران مان بيڊ تان هيٺ ڪِري پيس.

اداڪارا مايا علي لکيو ته يا الله رحم، سڀني ڏي خير هجي، جڏهن ته اداڪارا حرا خان به زلزلي کي خوفناڪ قرار ڏيندي سڀني جي خيريت پڇي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.