اسڪيٽنگ جي شوقين عورت پنهنجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪرتب ڏيکاريندي 9 هزار 22 فوٽ جي اوچائي تان ٽپو ڏئي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ڏکڻ ڪيليفورنيا جي 29 ورهين جي ليٽيسيا بوفوني کي مختلف رڪارڊ ٽوڙڻ جو وڏو شوق آهي، هوءَ اسڪيٽنگ تي به زبردست مهارت رکي ٿي.
View this post on Instagram
ليٽيسيا 9 هزار 22 فوٽ جي اوچائي تان جهاز مان اسڪيٽنگ ڪندي ٽپو ڏنو.
گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز طرفان ٻڌايو ويو آهي ته رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ جهاز اهو ئي آهي، جيڪو هالي ووڊ جي مشهور ايڪشن فلم ”فاسٽ اينڊ فيوريئس“ ۾ استعمال ٿيو هو.