اسرائيل جو شامي شهر حلب جي ايئرپورٽ تي ميزائل حملو

 

اسرائيل طرفان شام جي هوائي اڏي تي ميزائل حملو ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب شام جي بچاءَ واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل حلب شهر جي ايئرپورٽ تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪيتن کي نقصان پهتو ۽ مالي نقصان ٿيو.

شام جي بچاءَ واري وزارت موجب هلندڙ مهيني ٻيو ڀيرو حملو ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي جنگي جهازن رومي سمنڊ مٿان اڏام ڪندي شام جي سڀ کان وڏي شهر حلب ۽ ان جي واپاري مرڪز ڏانهن ميزائل هلايا.

حملي ۾ ڪنهن جي زخمي ٿيڻ يا جاني نقصان جي حوالي سان تفصيل سامهون ناهن آيا.

هوڏانهن اسرائيلي فوج حملي جي خبرن تي ردعمل ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.