گهڻيون مصالحي وارين شيون يا گرم شيون کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت ٿيندي آهي، ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي کاڌو کائڻ کانپوءَ وڏي دير تائين گهمندا رهندا به آهن پر تنهن باوجود به انهن جي پيٽ ۾ بيقرار هوندي آهي، جيڪڏهن اهو مسئلو نه به نه هجي تڏهن به تيز مصالحن وارين ۽ چٽپٽيون شيون کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت پيدا ٿيندي آهي ان مان جند ڇڏائڻ ضروري آهي. اهي مسئلا تڏهن ٿيندا آهن جڏهن کاڌو هص۾ ڪندڙ جُز معدي کان خوراڪ واري نالي ۾ ويندا آهن. اهي ايترا ته تيز هوندا آهن جو معدي ۾ گهڻي دير تائين ساڙي جي دانهن ٿي سگهي ٿي، هتي اسان توهان ڪجهه اهڙا کاڌا ٻڌائينداسين جيڪي ٿوري وقت لاءِ فائدي سان گڏ توهان جو مسئلو سدائين لاءِ به ختم ڪري ڇڏيندا.
وڏف
وڏفن کي عام طور تي کاڌي کانپوءِ ٿوري مقدار ۾ چٻاڙي کاڌو ويندو آهي پر تمام گهٽ ماڻهن کي ان روايت جي خبر هوندي، شادي هالن يا مختلف جاين تي توهان کاڌي کانپوءِ وڏفن جون ڀريل پليٽون ته ڏٺيون هونديون پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اهي ڇو استعمال ڪيا ويندا آهن؟
حقيقت ۾ وڏفن جي تاثير ٿڌي هوندي آهي، اهي کاڌي کانپوءِ ٿوري مقدار ۾ کائڻ سان مصالحن جي ڪري ٿيندڙ ساڙو ختم ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن وڏفن جو ڪاڙهو پيتو وڃي اهو به معدي کي سڪون ڏيندو آهي.
ناريل جو پاڻي
ناريل جو پاڻي پيئن سان به تيزابيت کي گهٽائي سگهجي ٿو، خاص ڪري گرمين ۾ ان کي پيئڻ سان معدي کانسواءِ به جسم کي ٿڌ پهچائي سگهجي ٿي، ناريل جي پاڻي کي عام پاڻي ۾ ملائي به پي سگهجي ٿو.
صوف جو سرڪو
جيڪڏهن ڪو به ماڻهو تيز مصالحن وارو کاڌو کائڻ لڳي ته ڪوشش ڪيو ته هڪ چمچو سرڪو هڪ گلاس پاڻي ۾ ملائي پي ڇڏيو، اهو عمل کاڌي کان اڳ ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ سان توهان لاءِ کاڌي جا گرم مصالحا توهان لاءِ نقصانڪار ثابت نه ٿيندا.
هيڊ
هيڊ اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي فنگل خاصيتون رکڻ وارو مصالحو آهي، کاڌي ۾ ان کي شامل ڪرڻ يا وري هيڊ وارو کير پيئڻ سان به ماڻهو تيزابيت کان بچي ويندا آهن پر ان جو مقدار گهٽ ئي رکجي.
ڪيلا
وڻندڙ ۽ مٺا ميوا به تيزابيت جي خلاف هاڪاري هوندا آهن، رڳو ڪيلو کائڻ سان ئي معدي جي تيزابيت سميت پيٽ جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ماڻي سگهجي ٿو.