پنج ملڪ جتي عورت ٻه يا وڌيڪ مڙس ڪري سگهي ٿي!

دنيا جي مختلف سماجن ۾ مردن جي لاءِ هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي جنهن جي ڪيتريون ئي ثقافتون توڙي مذهب اجازت به ڏين ٿا. جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ مڙسن واري عورت بابت جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻڌجي ته اها وڏي ڳالهه چئبي. پولي اينڊري هڪ اهڙي صورت آهي جنهن ۾ هڪ عورت هڪ ئي وقت ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مڙس ڪري سگهي ٿي. هونئن ته فراڊ جي صورت يا مختلف ڌوڪيبازي جي حالتن ۾ خبرن ۾ ڪا اهڙي عورت ظاهر ٿي هوندي جنهن جو لِڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ شاديون هجن پر ڇا توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته هڪ ئي وقت هڪ عورت ٻن يا ٻن کان وڌيڪ مڙسن سان رهي سگهي ٿي؟ جي ائين هوندو ته دنيا ۾ اهڙي اجازت ڪهڙي ملڪن ۾ آهي؟

نيپال ۽ چين جي ڪجهه علائقن سميت ڏکڻ هندستان جي به ڪجهه جاين تي تبتين جي وچ ۾ پولينڊري جو رواج عام آهي، جنهن ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڀائرن جي هڪ ئي ڀيڻ سان شادي ٿيندي آهي ۽ گهرواري ئي سڀني سان هڪ جهڙا ۽ هڪ جيترا جنسي لاڳاپا رکڻ جي اجازت به هوندي آهي.

اسان اهڙي قبيلن سان گڏ پنج مشهور ملڪن جي فهرست آندي آهي جيڪي عورت جي گهڻي شادين واري رواج يا رسم تي عمل ڪندا آهن جيڪي هيٺ ڄاڻائجن ٿا.

نائيجيريا

جيتوڻيڪ نائيجيريا ۾ وڏي پيماني تي اهو عمل غيرمعمولي آهي پر پوءِ به نائيجيريا جا ڪجهه اهڙا قبيلا آهن  جيڪي پولينڊري مطلب ڪنهن عورت جي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ مڙسن واري رواج تي عمل ڪندا آهن. اتر نائيجيريا جي اريگوي ۾ ڪيترين ئي عورتن روايتي طور ڪيترائي مڙس ڪيا آهن جن کي شريڪ مڙس چيو ويندو آهي.

نائيجيريا جي ارگيو ماڻهن هڪ عورت کي شريڪ مڙس ڪرڻ تي عمل ڪيو آهي.ان عمل دوران عورتون مختلف مڙسن جي گهرن ۾ متنقل ٿينديون رهيون ۽ جتي به انهن کي ٻار ڄاوا اهي ان مڙس جي گهر ۾ ئي ڇڏيا يا کي ڏنا جن وٽ اهي رهيل هيون.

ڀارت

هندستان ۾ ملڪ جي حيثيت سان هڪ کان وڌيڪ اهڙا قبيلا آهن جيڪي ان رسم تي عمل ڪندا آهن، اتر هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ جونسربوار جي علائقن ۾ پهاڙن ذريعي پولينڊري جو رواج آهي، جڏهن ته ڪنور، هماچل ۾ ماڻهن جي اقليت پولينڊري جو رواج پيش ڪندي آهي ۽ ان تي عمل به ڪندي آهي.

پچي پانڊوون جي اولاد جي طور تي (پنج ڀاءَ جيڪي بادشاهه پنچالا جي دروپدي ڌيءَ نالي عورت جا مڙس هئا) انهن جو مڃڻ آهي ته انهن کي اها روايت جاري رکڻ گهرجي.

انکانسواءِ نلگريس جو ٽوڊو قبيلو، تراوينڪور جو نجناد ويللا ۽ ڏکڻ هندستان ۾ ڪجهه نير ذاتين واري نظام به عورت جي گهڻين شادين وارو عمل ڪن ٿا.

اڻويهه سئو اٺاسي ۾ تبت يونيورسٽي جي ڪيل ٽي سئو ٽيونجاهه تبتي خاندانن تي ڪيل سروي مان خبر پئي هئي ته عورتن جي گهڻن مڙسن وارو عمل تيرهن سيڪڙو آهي.

ڪينيا

آگسٽ ٻه هزار تيرهن ۾ ڪينيا ۾ گهڻي شادين وارو اهو مشاهدو ڪيو ويو، ٻن مردن هڪ ئي عورت سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪي هڪ ئي وقت کيس پسند ڪندا هئا. اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته ڪينيا جو قانون واضح طور تي پولينڊري واري عمل کي ناهي روڪيندي ۽ ان تي عمل ڪندڙ مطلب هڪ عورت سان گهڻن مڙسن واري شادين واري ماڻهن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي ويندي. ڪينيا جي ماسائي  ماڻهن ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا.

چين

چين ۽ هندستان جي نيپال واري حصن ۾ تبت جي ماڻهن ۾ اهو رواج عام آهي، اهو عمل ان عقيدي تي ٻڌل آهي ته هڪ ٻار جا هڪ کان وڌيڪ پيءَ ٿي سگهن ٿا ۽ عام طور تي جڏهن ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڀائر هڪ ئي عورت سان شادي ڪندا آهن ته انهن سڀني کي پنهنجي گهرواري سان هڪ جيترائي ئي جنسي لاڳاپا رکڻ جو حق حاصل هوندو آهي.

نه رڳو ايترو پر ان عمل جي حوصلا افزائي به ڪئي ويندي آهي خاص ڪري جڏهن ڪو ڪٽنب غريب هوندو آهي ۽ پنهنجي ملڪيت مختلف پيئرن جي اولاد ۾ ورهائڻ نٿو چاهي ته ڀائر ئي هڪ عورت سان شادي ڪندا ۽ گڏجي ٻار ڄڻيندا آهن، ٻئي صورت ۾ جيڪڏهن ان عورت جي مختلف ڪٽنبن جي مردن سان شادي ٿيندي ته ان جو اولاد سندس سڀني مڙسن جو اولاد سڏبو ۽ سڀني جي ملڪيت اولاد ۾ هڪ جيتري ورهائبي، تنهنڪري غريب خاندان هڪ ئي عورت سان شادي ڪري پنهنجي ملڪيت پنهنجي ئي ڀائرن جي اولاد ۾ ورهائيندا آهن. جنهن جي ڪري هڪ ئي عورت سان شادي ڪري پنهنجي ٿوري ملڪيت کي پاڻ تائين گهڻو ڪري رکندا آهن.

ڏکڻ آمريڪا

ڏکڻ آمريڪا جي قبيلن ۾ به پولينڊري جو عمل ٿئيٿو ڇو ته بورورو پولينڊري تي عمل ڪندو هو جڏهن ته ستر سيڪڙو تائين ايميزونيائي ثقافتون هڪ کان وڌيڪ پيٽرنٽي جي اصولن تي يقين رکنديون آهن، ٽوپي-ڪا وهيب به ڀائيواري برقرار رکڻ لاءِ کوڙ ڀائر هڪ ئي عورت سان شادي ڪري سگهن ٿا.

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سماجي توڙي مذهبي اجازت کانپوءِ مردن طرفان گهڻيون شاديون ڪرڻ جو رواج ته عام آهي پر هڪ عورت جي کوڙ مڙس ڪرڻ وارو عمل ڪٿي ڪٿي ٿئي پر اهو عمل ڌرتي تي موجود ضرور آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.