لاهور (ويب ڊيسڪ) افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جي ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته ڪنهن به رانديگر لاءِ قومي ٽيم جي ڪپتاني وڏو خواب هوندو آهي.
شاداب خان پي سي بي هيڊ ڪوارٽر ۾ افغانستان خلاف سيريز لاءِ چونڊيل اسڪواڊ جون تصويرون شيئر ڪيون.
ڪيپشن ۾ شاداب خان لکيو ته الله جو جيترو به شڪر ادا ڪيان گهٽ آهي، ٽئلينٽ سان ڀرپور نوجوان ٽيم جي قيادت لاءِ پرجوش آهيان، اسان جارحاڻي ۽ هاڪاري راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
View this post on Instagram
آخر ۾ هن لکيو ته نوجوانن کي سپورٽ ڪرڻ نه وساريو، اهي اسان جو مستقبل آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 24 مارچ، ٻي 26 ۽ ٽين 27 مارچ تي کيڏي ويندي، سڀئي ميچون شارجا ۾ ٿينديون.