ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي رمضان المبارڪ لاءِ اسڪولن جو وقت جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب رمضان المبارڪ دوران اسڪولن جي ٽائمنگ صبح 7:30 منٽن کان 11:30 منٽن تائين هوندي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جمعي ڏينهن صبح 7:30 کان 10:30 تائين اسڪولن ۾ تبديلي عمل جاري رهندو.
صوبائي تعليم کاتي چيو آهي ته ڊبل شفٽ ۾ هلندڙ اسڪولن جو وقت صبح 11:45 کان 2:45 تائين هوندو.
هوڏانهن سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري ڪلاسن جو وقت صبح ساڍي اٺين کان ساڍي 12هين تائين هوندو، جمعي ڏينهن وقت ساڍي ستين کان ساڍي ڏهين تائين هوندو.