ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران تڪراري نتيجن جو شڪار ٿيندڙ 6 يوسين ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي جي درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ٻيهر ڳڻپ مومن آباد جي يوسي 3 ۽ منگهي پير جي يوسي 12 ۾ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اوڀر ضلعي جي علائقي گلشن اقبال جي يوسي 1، اورنگي جي يوسي 3، 7 ۽ 8 ۾ به ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ٿيندي.
واضح رهي ته جماعت اسلامي ڪراچي ۾ 16 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ 6 يونين ڪائونسلز جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيا هئا.