تعليم کاتي ۾ 750 نيون ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 750 نيون ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

30 ضلعن ۾ گريڊ 14 هين آرٽس جي استادن جون 750 نيون ڀرتيون ڪيون وينديون، جڏهن ته نيون ڀرتيون آءِ بي اي ڪندي.

سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري موجب، گريجوئيشن ڪيٽيگري ۾ ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 مارڪون هجڻ ضروري آهي.

Image

ڀرتين ۾ اقليتي ڪوٽا 5 سيڪڙو ۽ عورتن جي ڪوٽا 15 سيڪڙو رکي وئي آهي.

ڪراچي جي 7 ضلعن لاءِ آرٽس ٽيچرز جون 166 پوسٽون مختص ڪيون ويون آهن.

حيدرآباد 33، سکر 31، لاڙڪاڻو 33، خيرپور 54، شهيد بينظير آباد 38، ميرپورخاص 34، بدين 28 ۽ ٻين ضلعن ۾ آرٽس استادن جي ڀرتي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.