سنڌ جي تعليمي بورڊن جو امتحان وارو اختيار ٽين پارٽي حوالي ٿيڻ جو معاملو

سنڌ ۾ تعليم جي معيار توڻي تعليم جي شعبي واري کاتي مٿان ھر وقت ۾ تنقيد ٿيندي رھي آھي،وقتي طور تي حڪومت ان بابت ڪي عملي قدم کنيا آھن، نھ تھ معاملو جئين جو تئين ھلندڙ آھي،سماج جي مجموعي روئي جو ھر شعبي تي اثر پوي ٿو،جنھن کان تعليم وارو کاتو بھ بچي نھ سگھيو آھي.

سنڌ ۾ ھر اداري جي مٿان وري ٻيو ادارو مقرر آھي، ان جي انتظام جي نگراني ۽ ان جي ڪم جي جاچ ڪرڻ جي لاءِ وري ڪو ٻيو کاتو کوليو وڃي ٿو، اھڙي ريت ڪجھھ عرصي کان يونيورسٽين ۽ بورڊن جي نگراني لاءِ بھ ھڪ جدا کاتو ڪم ڪندڙ  آھي،جنھن پاران 9 مارچ تي ھڪ ليٽر ذريعي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مئٽرڪيوليشن ۽ انٽرميڊيٽ بورڊن جي چيئرمينن کي چيو ويو آھي شاگردن کان سال 2023ع جي امتحان جي لاءِ اختيار ٽين ڌر کي ڏيڻ جي لاءِ اوپن ميرٽ تي مسابقتي طريقڪار جو بندوبست ڪن.ذڪر ڪيل ليٽر ۾ امتحانن دوران انتظاميا بابت شڪايتن ۽ خراب پريڪٽس جو ذڪر بھ ڪيل آھي، جنھن ڪري ھلندڙ سال امتحان ٽين پارٽي کي آئوٽ سورس ڪري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان ڏس ۾ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ٿرڊ پارٽي جو اڳ ۾ ئي بندوبست ڪيل آھي،جنھن بابت اڻتصديق ٿيل اطلاعن موجب پنجاب صوبي سان تعلق رکي ٿي.جنھن جو مطلب آھي تھ سنڌ جا سڀئي تعليمي بورڊ سال 2023  جو ساليانو ميٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان پاڻ نھ  وٺندا، امتحان وٺڻ ۽ رزلٽ جاري ڪرڻ جو اختيار ھڪ پرائيويٽ اداري حوالي ٿي ويندو.

ٻئي پاسي سنڌ جي استادن سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آھي، انھن جو چوڻ آھي تھ ان سان ويتر مسئلا وڌندا.ھوڏانھن مختلف بورڊز پڻ ان بابت احتجاج ڪري رھيا آھن.اڳي انھن سمورن امتحانن جو اختيار يونيورسٽين جي حوالي ھوندا ھئا،پر بعد ۾ اھو بار يونيورسٽين تان لاھڻ جي لاءِ بورڊن جوڙيا ويا،جن جو انگ آھستي آھستي وڌايو ويو، انھن بورڊن جو ھن وقت ڪم بھ ٿرڊ پارٽي وارو ئي آھي،ڇاڪاڻ جو ھڪڙي پارٽي شاگرد آھي جيڪي تعليم حاصل ڪن ٿا،ٻي پارٽي اھا آھي جيڪا انھن شاگردن کي پڙھائي ٿي،جڏھن تھ بورڊ انھن شاگردن کي استادن پاران ڏنل تعليم توڻي جيڪو ڪجھھ اھو سيکاريو ويو ھوندو آھي،ان جو امتحان وٺندا آھن.

ڪافي وقت کان ڪاليج يونيورسٽيون مئٽرڪ  ۽ انٽرميڊيٽ پاس شاگردن کي داخلا ڏيڻ کان اڳ انھن جي انٽري ٽيسٽ وٺندا آھن،جنھن جو مطلب تھ داخلا ڏيندڙ اداري کي شاگرد جي پاس ڪيل امتحان تي شڪ ھوندو آھي، ان دوران جيڪي شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندا آھن، يا داخلا جي لاءِ گھربل مارڪون حاصل ڪندا آھن تھ ان صورت ۾ انھن کي داخلا ملندي آھي.اھڙي صورت ۾ تھ انھن بورڊن جي ڪا اھميت نٿي رھي، ان طريقڪار جي تحت تھ ائين ٿيڻ گھرجي جو بورڊن ختم ڪري انٽري ٽيسٽ کي بنياد بڻائڻ گھرجي، ان سان سرڪار کي ھر طرح جي بچت ٿيندي،شاگرد پڻ ان ڳالھھ کي ذھن ۾ رکي تعليم حاصل ڪندا.

جيڪڏھن شڪايت آھي تھ بورڊن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني آھي تھ پوءِ اھو درست آھي ڇاڪاڻ جو اھو ڪڌوڪم سنڌ جي لڳ ڀڳ ھر کاتي ۾ ٿي رھيو آھي، ھاڻي سماج ۾ ڪرپشن،رشوت خوري ھڪ وڏو مرض آھي،بدقسمتي سان ان جي درست تشخيص ڪرڻ يا وري ان جي پاڙ پٽڻ ۾ بھ ڪامورا ئي رڪاوٽ آھن.جن کي ڪنھن نھ ڪنھن صورت ۾ وري سياستدانن جي بھ حمايت مليل آھي، ان جا ڪيترائي ئي مثال ڏئي سگھجن ٿا.

ھئڻ تھ ائين گھرجي جو  مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان هيڊ ماستر، پرنسپال ۽ استاد پاليسي ٺاهي پاڻ وٺن. ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون شاگردن جي داخلا انٽري ٽيسٽ تحت ڪن ٿيون جنهن سبب بورڊ جي امتحان جو جواز ئي ختم ٿي چڪو آهي.بورڊ ھاڻي بھ ٿرڊ پارٽي واري رسم پوري ڪندو آھي، امتحان استاد ئي وٺندا آهن. ڪاپيون به استاد چيڪ ڪندا آهن ۽ مارڪون به استاد ڏيندا آهن. بورڊ آفيس ته رڳو شاگردن ۽ امتحانن جو رڪارڊ سنڀالڻ جو ڪم ڪندي آهي.جيڪو وري ڪجھھ سالن بعد ردي ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

ھا بورڊ وٽ انھن جي رڪارڊ ۾ بھ ڪنھن طرح سان ھيراڦيري جون بھ ڪافي دانھون ٿينديون رھن ٿيون،ڪٿي ڪٿي دل جي ڪوڙي تسيڪن جي لاءِ مٽ مائٽ ڏوڪڙ خرچ ڪري اعليٰ گريڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا پر اھو راز وري انٽري ٽيسٽ ۾ کلي ٿو پوي جتي وري جدا جوڙ توڙ ڪئي وڃي ٿي.

يونيورسٽيون تھ انھن بورڊ جي امتحان وارين مليل مارڪن جي سيڪڙي يا ميرٽ کي نٿيون مڃن. هر هڪ يونيورسٽي پنهنجي الڳ انٽري ٽيسٽ وٺي ٿي، ميرٽ ٺاهي ٿي تنهنڪري بورڊ جي امتحان جو جواز باقي رھي نٿو يا وري يونيورسٽين کي انٽري ٽيسٽ جو سسٽم ختم ڪرڻ گھرجي،پر ھاڻي تھ رونيورسٽين جو بھ اھو خيال ھوندو آھي تھ ان جي ساک متاثر نھ ٿئي.

وري ھڪ ٻيو معاملو ھي آھي تھ ميڊيڪل يا لا جي داخلا لاءِ سڄي ملڪ جي سطح تي الڳ امتحان ورتو وڃي ٿو. اهو طريقو آئين ۾ مليل بورڊ جي قانونن خلاف ناهي؟ تنهنڪري بورڊ ختم ڪري، امتحان استاد هر اسڪول ڪاليج ۾ پاڻ وٺن. جيئن پهرين درجي کان اٺين تائين وٺن ٿا.ان سان خود استادن جي مٿان بھ پڙھائڻ جي لاءِ پريشر پوندو.

سماج ۾ ڪي بنياد اھڙي رکيل آھن جن جو مجموعي طور تي سموري نسل تي منفي اثر پوي ٿو،جنھن ۾ ھڪ ھي آھي تھ اسان وٽ ٻارَ پڙهندا رڳو ان ڪري آهن ته جيئن امتحان پاس ڪري سگهن.کين اهو سيکاريو ويندو آهي ته جيڪي ڪجهه پڙهايو وڃي ٿو،ان جو رٽو هڻن ۽ امتحان دوران اهو ئي رٽيل سبق جوابي ڪاپيءَ تي اتاري ڇڏين. شاگردن وٽ پنهنجي پڙهائيءَ جو ڪو چِٽو خيال ڪونه هوندو آهي. خاص ڪري انگريزيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ان تعليم کي سمجهڻ جو مسئلو تمام گھڻو هوندو آهي.

بھتر ائين ٿيندو تھ مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي شاگردن جو امتحان لاڳاپيل اداري جا استاد وٺن،جن انھن کي پڙھايو ۽ سيکاريو ھوندو آھي، ان بعد انٽري ٽيسٽ ۾ انھن استادن جي ڪارڪردگيءَ بھ سامھون اچي ويندي ۽ اھي ذميواري بھ محسوس ڪندا.تازي فيصلي سان سنڌ سرڪار جي تعليم واري سک تي سوال اڀرندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.