آدمشماري ۽ اسان جون اميدون

رياض ابڙو 

اصل هڪ اعتراض اهو به آهي ته آدم شماري، گهر شماري جيڪا 2017ع ۾ ڪرائي وئي هئي سا وري 2027ع ۾ ڪرائڻ گهرجي ها، هاڻي اها رڳو ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جهڙين لساني مذهبي  جماعتن جي ضد، هٺَ ۽ ڊِٺَ جي ڪري ڪرائي وئي آهي، انهن جي ڀڪَ ۽ شدت واري سياست ۽ احتجاج جي پيش منظر ۾ سنڌ سرڪار کڻي انهن جي ڪيس کي مٿي تائين پڄايو ته جيئن اهي راضي هجن بس، گھڻو گوڙ نه ڪن، ان ڪري اهي اهڙا شهري لساني گروھ ۽ جماعتون آهن جيڪي لسانيت کان مَٿَ ڀري، نفرت واري سياست ٿا ڪن، انهن لساني جماعتن کي 2017 واري آدم شماري صحيح نه لڳي، ان ڪري ته اهي سمجهن پيا ته ڪراچيءَ ۾ اردو، مهاجر آبادي هاڻي گھڻي ٿي وئي آهي پر 2017ع واري آدم شماري ۾ اها گھٽجي وئي هئي پر ان جا انگ اکر صحيح هيا، ان کان اڳ مشرف پنهنجي دور ۾ جيڪا آدم شماري ڪرائي هئي اها به تڪراري هئي.

ان ڪري ته شهري لساني جماعتن کي 2017 ۾ آدم شماري جي رزلٽ ۾ ڦيرڦار لڳي هئي، ان ڪري جو اها رڳو ڪراچيءَ جي شهرين، خاص مهاجرن سان ناانصافي هئي ۽ انهن شهري آبادي وارن مهاجرن کي اها ڳڻتي هئي ته رڳو سنڌين ۽ پٺاڻن کي ڇڏي جيڪي به ٻيون قومون رهن ٿيون اهي ڪنهن به طرح پنهنجي ٻوليءَ جي خاني ۾ رڳو اردو لکرائن ها ته جيڪر ڪراچيءَ ۾ مهاجر آبادي گھڻي ٿي پئي ها، ان ڪري ته 2017ع وارن انگن اکرن ۾ ڪراچيءَ ۾ رڳو اردو ڳالهائڻ وارا نه ڏيکاريل هيا ان ۾ گجراتي، ميمڻ، بلوچ، بنگالي، برمي، افغاني، سرائڪي، پنجابي، ڪشميري، هندڪو، گلگتي، بلتي، هزاريوال، بروهي، مارواڙي پنهنجون پنهنجون ٻوليون لکرايون هيون، ان ڪري به اردو يا مهاجر آبادي گھٽجي وئي هئي، جيڪا اهي گروھ سمجهن پيا اها نه بيٺي هئي، ان ڪري جو ڪراچي شهر ۾ رابطي جي زبان گھڻي ڀاڱي اردو آهي پر هر ڪنهن جي ڊرائنگ روم لينگئيج اردو ناهي.

ان ڪري اها دعويٰ هاڻي نه ٿي ڪري سگهجي، نادرا رڪارڊ ۾ اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي ٻولين جي خانن ۾ مادري ٻوليءَ سان درج آهن، ان سبب اردو ڳالهائيندڙن جي ڳڻپ گھٽجي وئي هئي ۽ اهي ان ڳڻتي ۾ ڳري رهيا هئا ته ۽ آواز اٿارين ته ”آدم شماري ٻيهر ٿيڻ کپي“ ان ڪري جو انهن ڪراچي شهر جي گھٽين، روڊن ۽ رستن تي ماڻهو ميڙي انهن کي سبق سيکاري ڇڏيا هين، مسلسل ۽ باربار ريفرنڊم ڪرائي اهو پنهنجي ليکي ثابت ڪيو ته هاڻي اردو ڳالهائڻ وارا، رڳو مهاجر گھڻا آهن پر هيل وارين بلدياتي چونڊن پي پي جي حق ۾ ووٽ اڇلائي انهن جي اهڙي کوکلي دعويٰ کي مورڳو ئي رد ڪري ڇڏيو آهي،، هي جماعتون ته اهو به چون ٿيون ته ڪراچي شهر تي وڏيرن جو قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، بلدياتي قانون کي ڪارو قانون چوندا هئا ۽ جڏهن بلاول ڀٽي انهن لساني جماعتن کي سڌيون ٻڌايون هيون ته اهي پنهنجي ڳالھه  تان لهي ويا هئا  ۽ وري انهن لساني جماعتن مان جماعت اسلاميءَ کي واٽربورڊ جي چيئرميني ملي ته ڪارو قانون اڇو ٿي ويو هيو ۽ ٻئي گروھ يعني ايم ڪيو ايم کي ڪميشن جي چيئرميني ملي ته وري اهي به خوش ٿي ويا هئا (پر پي پي کي انهن فيصلن جي دورانديشي ڪرڻ کپندي هئي ته ڪميشن جي چيئرميني ڪهڙا ڪلور ڪري سگهي ٿي، جو سڀاڻي اهي اردو وارا پنهنجا پنهنجا ماڻهو ڪميشن مان پاس ڪرائي مٿين سيٽن تي ويهارن، جيڪي ڪراچي شهر جي صوبائي ۽ قومي ادارن جي سيٽن تي به ڪراچيءَ جو ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٿا گهرن اهي ان ڪميشن کان ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪم وٺي سگهن ٿا، جيڪي هر ٻئي ڏينهن اها ڳالھه  ڪندا آهن ته سڀني بلدياتي، صوبائي ۽ قومي ادارن ۾ جَن جَن جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل شهري ناهن، اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ڏي موٽي وڃن ته پوءِ پي پي جي انهن فيصلن جو نقصان قومي نقصان هوندو، جو سڀاڻي شهر ۾ ڪير به سرڪاري نوڪري نه ڪري سگهندو، پر جتي سڀ قومون ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرائي اسان جي نوڪرين تي قابض هجن ٿا ۽ ادارا اهڙن غيرسنڌين سان ڀريا پيا آهن، پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟).

بلدياتي چونڊن جي نتيجن کي قومي ۽ صوبائي سيٽن جي نتيجن سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي ان ڪري ته يوسيز مان سوَ، هزار جي تعداد ۾ ووٽ کڻي اها ڳالھه  نه ٿي مڃائي سگهجي ته اهي ئي پارٽيون سڀاڻي صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون کٽي سگهنديون، 2004 وارين بلدياتي چونڊن ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم مشرف جي ڊڪٽيٽرشپ جي ڪري انهن چونڊن ۾ حصو نه ورتو هيو ته اهو ئي ووٽ، ”بچيل ۽ اوبر“ ووٽ جماعت اسلامي کي مليو جو ٽرن آئوٽ 20 سيڪڙو به نه هيو، پر ايم ڪيو ايم جي غيرحاضريءَ ۾ انهن جي بي ٽيم ئي کٽندي رهي آهي، پر ڳالھه  اها به آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم هجي ته پوءِ اهي ڪراچيءَ جون لساني جماعتون پنهجي دال نه ٿيون ڳاري سگهن، ان ڪري پي پيءَ جا مفاد ڀلي ڪهڙا به هجن، ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هاڻي ڪراچي شهر ۾ 53 يوسيون وڌائي ان ڳالھه  جو ثبوت ڏنو اٿن ته اهي اڃان تائين انهن بي ساهي ايم ڪيو ايم پاڪستان، لنڊن جهڙن گروهن جي ٻڌن ٿا (يا اسان جي سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ضلعن مان ڪنهن به شهر کي تعلقو بڻائيندي انهن جا پنهنجا مفاد ڌڪجن ٿا، بهرحال) پر شهري سياست ۾ اهي پي پي وارا پنهنجو اسٽيڪ وڌائي ويا آهن، هن دفعي بلدياتي چونڊن ۾ ايتري تعداد ۾ ووٽ کڻڻ به پي پيءَ جي مڙسي هئي نه ته شهري آبادي جو ووٽ گھڻي ڀاڱي ايم ڪيو ايم جو ئي رهيو آهي، ڪوڙن بيلٽ باڪس جي ذريعي ئي پر جڏهن حقيقي ووٽ پون ٿا تڏهن خبر ٿي پئي ته ڪير سچو آهي ۽ ڪير ڪوڙو آهي.

پر ميڊيا جي ڀرمار، يلغار جي ڪري، اردو ٻوليءَ جي ميڊيا جي گهڻائي هجڻ جي ڪري ميڊيا وارا انهن جي ٻڌن ٿا ۽ اهي رات وئي تائين ڪراچيءَ جي هڙني لساني جماعتن جا سور کڻي ٿا ويهن جو وري صبح جو پروگرام ”رپيٽ“ ڪري به هلائن ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته انهن سان هر ڳالھه  ۾ ناانصافي ٿي ٿئي، ڇو ته انهن شهري ماڻهن وٽ نه اٽو آهي، نه لٽو آهي، نه اجهو آهي، ۽ باقي سڄو ملڪ يورپ ۽ پيرس لڳو پيو آ ۽ اهي شهري ماڻهو ٿر واسين کان به وڌيڪ مظلوم ۽ مجبور لڳا پيا آهن، ٻئي پاسي سمجهن ٿا ته ملڪي سياست ۾ انهن جو مڙئي ”اسٽيڪ“ گهڻو آهي، ان ڪري ملڪ جي هر سياسي جماعت رڳو انهن جي ٻڌندي ۽ انهن کي جيڪڏهن انصاف نه مليو معنيٰ ڪنهن کي نه مليو ۽ وري مسئلو اهو به آهي ته ملڪي ادارن جي ساک بحال ناهي، جيئن عسڪري ادارا ”پوليٽيسائيزڊ“ آهن، ڪورٽون هروڀرو ڪنهن جي ڀَرِ وٺيون بيٺيون هونديون آهن، هڪڙي سياسي، سماجي، مذهبي جماعت کي جڏهن انصاف ٿيون ڏين ته وري ٻيون جماعتون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ٿيون ڪن ته انهن سان ناانصافي ٿي آهي، پر ڳالھه  اها به آهي ته اهو فيصلو ڪير ڪري ته ڪنهن سان انصاف ٿيو آهي، ڪنهن سان ناانصافي، رياستي قانون کان ڪير مٿانهون آهي، ڪير قانون ۽ ڪورٽن کان وڌيڪ ناهي، ڪير قانون جي نظر ۾ حقير ۽ هيٺانهون آ (بهرحال)، سڀاڻي آدمشماري جا نتيجا ۽ ڳڻپ متنازعا ٿي وئي، واقعي ئي جيڪڏهن شهري اردو آبادي هاڻي جي 19 سيڪڙو مان وڌي 100 سيڪڙو ٿي وئي ۽ سڄي ڪراچي شهر ۾ رڳو اردو ڳالهائڻ وارا ظاهر ٿيا، جماعت اسلاميءَ جا سپورٽر، ايم ڪيو ايم جا حامي اڀري، مٿي نڪري آيا، آدمشماريءَ مان”فيور“ ۽ فائدو وٺي ويا، ڪنهن به گڙٻڙ جي ڪري اها آدمشماري انهن جي حق ۽ حصي ۾ اچي وئي ته اسان جي ڪير ٻڌندو، جي اهي 19 سيڪڙو کان به گھٽ ٿي پيا ته انهن کي چپ ڪير ڪرائيندو، ان ڪري شهري سياست ۾ ڪي ئي لنڊن وارا الطاف ڄمي پيا آهن، جن جو ڪم رڳو غيرسنڌي سياست ڪرڻي آهي، جي رڳو اسان ئي رهجي وياسين، صوبي سميت شهرن ۾ سنڌي آبادي گھٽ ڄاڻائي وئي ته اسان جا احتجاج ڪيترا ڏينهن هلندا جو مرڪز اها ڳالھه  سمجهي ته اسان جيڪو درد کڻي بيٺا آهيون ان ۾ اسان جي قومي سڃاڻپ خطري ۾ آهي، شهري لساني جماعتون جيڪي سڄو ڏينهن زهر ٿيون اوڳاڇن انهن جي چالاڪين کي ڪير منهن ڏيندو، جي کڻي اسان روڊ رستا بلاڪ ڪري بيهي به رهياسين ته اسان کي ايندڙ ڏهن سالن تائين سکڻا آسرا ڏئي سمجهايو، پرچايو ويندو ۽ ايندڙ عام چونڊون به جي انهن تعصب واري آدمشماريءَ جي بنياد تي ٿيون ته پوءِ اسان جا ”ڏهئي ڏوڪڙ لسا“ معنيٰ نه اوهي نه واهي جي اسان جون قوم پرست جماعتون ٻاهر به نڪري آيون ۽ احتجاجن جا دائرا وڌائي ويا تڏهن اسان جي ڪير نه ٻڌندو، ايندڙ ڏهن سالن تائين ملڪ جون حالتون ڇا بيهنديون، ڏسجي ته 10 سال اڳ ملڪ ۾ ڇا پئي وهيو واپريو ۽ هاڻي اسان سان ڇا ٿيندو، ان ڪري هن دفعي واري آدمشماري ٻين جي لاءِ ڪجھه  به هجي پر اسان جي لاءِ اهي ئي قومي سور ۽ اهنج کڻي ايندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.