نوٽ: ڪن رپورٽن موجب اڳوڻي فوجي سربراهه قمر جاويد باجوا ان انٽرويو جي ترديد ڪئي آهي جڏهن ته صحافي شاهد ميتلا جي دعويٰ آهي ته هن اهو انٽرويو ڪيو آهي
2 فيبروري تي جنرل قمر جاويد باجوا جي فرسٽ ڪزن ۽ پنھنجي ويجهي دوست چوڌري نعيم گهمڻ جي تيمارداري جي لاءِ ھن جي گھر ويس،ٿوري دير کانپوءِ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به اچي پھتو، شروعاتي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ جنرل قمر جاويد باجوا چوڻ لڳو تھ اوهان جا سوال مون تائين پهچي رھيا آهن، اڄ روبرو پڇي وٺو۽ پوءِ اها ملاقات ڊگهي انٽرويو ۾ تبديل ٿي وئي.
ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ته جنرل باجوا چوڻ لڳو ته، اڄڪلهه حامد مير ۽ طلعت حسين منھنجي خلاف آهن، حامد مير بنھھ ڪوڙو آهي. حامد مير، نسيم زهرا جي حوالي سان جيڪا بھ ڳالھھ ڪئي تھ ھن مون کي NDU ۾ شٽ اپ ڪال ڏني آهي،اھو ڪوڙ آھي،ھوءَ عورت آھي اھا ڪھڙي مونکي شٽ اپ ڪال ڏئي سگهي ٿي، پاڪستان ۾ ٽي شخص ”عمران خان، شيخ رشيد ۽ حامد مير ”سڀ کان وڏا ڪوڙا آهن، طلعت حسين سمجهي ٿو ته مون کيس نوڪري مان برطرف ڪرايوھو. طلعت حسين کي مان نھ پر جنرل فيض نوڪري کان محروم ڪيو ھو، جڏهن تھ مان ،طلعت کي نوڪري ڏياري ھئي.طلعت جڏھن پھريون ڀيرو فارغ ٿيو منهنجي ڪزن انجم وڙائچ کي ساڻ ڪري مون وٽ آيو، تڏهن مون جنرل فيض کي چئي ڪري نوڪري تي لڳرايو.
مون چيو ته مرتضيٰ سولنگي، نصرت جاويد وغيره کي توھان چينل تان هٽرايو ھو؟ چوڻ لڳو بلڪل بھ نھ، مرتضيٰ سولنگي کي اڳي نه سڃاڻندو هوس، کيس ڏيڍ سال کان سڃاڻڻ لڳو آھيان،پوءِ مون چيو ته توھان، ابصار عالم کي گوليون ھڻرايون ؟چوڻ لڳو، توهان هڪ انسان کي قتل ڪرڻ معمولي سمجهو ٿا، مونکي قبر ۾ نه وڃڻو آهي، مون اڄ تائين ڪنهن به بيگناهه کي مارڻ جو حڪم نه ڏنو آهي.مون چيو ته توهان تي الزام هنيو وڃي ٿو ته هن توهان کي آرمي چيف بنائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ توهان هن تي گولي هلرائي ؟جنرل باجوا جواب ڏنو ته، ابصار کي گولي مان نه هڻائي آھي، مان فوٽيج ڏٺا آهن، حملي آور جي هٿ ۾ ننڍو ٽي ٽي پستول هو، حملو بيوقوفي سان ڪيو ويو ھو، مان ائين ڇو ڪندس؟مون چيو ته پوءِ جنرل عرفان ملڪ اهو ڪرايو هو، ڇاڪاڻ ته ابصار عالم ٽوئيٽر تي ان جي تصوير پوسٽ ڪئي هئي؟هن ڪاوڙ ۾ اھو ڪم ڪيو هوندو؟
چوڻ لڳو، منھنجي علم ۾ ناهي، ٿي سگهي ٿو هيٺين سطح تي تي ڪنھن کي ڪاوڙ اچي وئي ھجي ۽ ان اهو ڪم ڪيو هجي، مان تھ اسد طور کي به نه سڃاڻندو ھوس. مون کي اسد طور واري واقعي جي بھ ٻئي ڏينهن خبر پئي.آرمي چيف کي هر ڳالهه جي خبر ناهي ھوندي،ان جي ڪرڻ جا ٻيا ڪافي ڪم ھوندا آھن، چيائين تھ ، مطيع الله جان وارو واقعو ايجنسيءَ طرفان وائڙي طريقي سان ڪيو ويو ھو، مون ان تي جنرل فيض جو ڪلاس ورتو ھو،پوءِ مطيع الله جان کي ڇڏرايو.
مون تي اعظم سواتي ۽ شهباز گل کي اگھاڙي ڪرڻ جا به ڪوڙا الزام لڳايا ويا، منهنجي عمر 62 سال آهي. ڇا مان هن عمر ۾ ڪنهن کي اگھاڙو ڪرائيندس؟ ستر سالن جي بزرگ اعظم سواتي کي ڪيئن اگھاڙو ڪرائي سگھان ٿو ،اھو سڀ بڪواس آھي. مون تي شهباز گل کي اگھاڙي ڪرڻ جو الزام به غلط آهي، منهنجو انهن ڳالهين سان ڪو به تعلق ناهي، مون کي قبر ۾ به وڃڻو آهي،پر اعظم سواتي مون کي باسٽرڊ بھ چيو ھو.اهڙين ڪيسن ۾ پوليس پنهنجي اختيارن کي لتاڙيندي آھي.مون چيو اعظم سواتي ايجنسين تي الزام لڳائي ٿو؟چيائين، تھ ڪڏهن ڪڏهن ايجنسيون شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار ٿيڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، اهيو هيٺين سطح تي ٿيندوآهي، تنهن هوندي به منهنجو انهن معاملن سان ڪو به واسطو نه هو.چيائين،ايمان مزاري پوسٽر لڳايو تھ جنرل باجوا بي غيرت آھي تھ ان تي جوانن کي ڪاوڙ آئي، هڪ ميجر چيو تھ سر توهان بي غيرت آهيو؟ اسان ھن کي فڪس ڪنداسين، مون منع ڪئي،نھ بس،قانوني طريقي سان منھن ڏيو ۽ ان اشو کي ختم ڪري ڇڏيو، هرطرح جي تنقيد برداشت ڪندو ھوس، پر اداري جي عزت جو به سوال ھوندو آهي. پوءِ جي ايڇ ڪيو ۾ ايمان مزاري خلاف باضابطا ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي. جسٽس اطهر من الله جي ڌيءَ ايمان مزاري جي دوست آهي، جسٽس اطهر من الله ايمان مزاري کي ضمانت ڏئي ڇڏي، ان کانپوءِ اسان ڄاڻي واڻي ان ڪيس جي پيروي نه ڪئي. تھ جيئن اھو معاملو اتي ئي ختم ٿي وڃي، فوج ۽ فوجي آفيسرن جي خلاف جيڪو مرضي ۾ اچي چئي ڇڏيو، الزام لڳايو، ڪو پڇڻ وارو نھ آھي، فوجي آفيسر جواب بھ نٿا ڏئي سگهن، جيڪڏهن ججن جي ڳالهه ڪندا ته اھي جواب ڏين ٿا، پر اسان وٽ اهڙو ڪو آپشن ناهي، پاڪستان ۾ بدناموسي جا قانون ڪمزور آهن.
مون چيو ته توهان جنرل عرفان ملڪ کي ISI مان ان ڪري ڪڍيو ڇو ته هن مريم نواز کي سميش ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي؟ چيائين، مان نھ، ھن کي جنرل فيض هٽايو ھو، جنرل فيض ڊي جي، آءِ ايس ۽ ڊي جي سي ٻنهي جو ڪم پاڻ خود ڪرڻ چاهيندو ھو.
مون پڇيو ته مريم نواز سان اهو واقعو ڪيئن ٿيو، ڪنھن دروازي ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو ھو ؟ هن چيو ته اهو حڪم مون نه ڏنو هو، برگيڊيئر حبيب ان وقت سيڪٽر ڪمانڊر هو، جڏهن ڪيپٽن صفدر مزار قائد تي نعريبازي ڪئي ته عوام، فوجي جوانن ۽ ميڊيا جو دٻاءُ هو ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،تھ پوءِ جنرل فيض ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو ھو،پر هيٺين سطح تي ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو، جڏهن پوليس ڇاپو هنيو ته ڪيپٽن صفدر ۽ مريم نواز الڳ الڳ ڪمرن ۾ هئا، اهي ٻئي هڪڙي ڪمري ۾ نه هئا.
مون چيو ته نواز شريف توهان کي ان تي فون ڪيو يا توهان کي ڪا شڪايت ڪئي؟
هن جو چوڻ آهي ته نه نواز شريف فون ڪيو ۽ نه شڪايت ڪئي اسان ذميوار آفيسر کي هٽايو. مون سوال ڪيو،ڇا توهان اھو چيو ھو تھ شيو ڪندي توھان صديق جان کي ٻڌو ٿا؟ مونکي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته پاڪستان جي آرمي چيف جي انٽيليڪٽ ليول ايتري گهٽ آهي؟ جنھن تي جنرل باجوا کلي پيو ۽ چيو ها، مون صديق جان کي چيو ھو تھ مون کي ڪنھن هن جو وي لاگ موڪليو هو ۽ مون شيو ڪرڻ وقت ان کي ٻڌو ۽ اهو ئي وقت مون کي واندڪائي جو مليو ھو.ھونئن بھ جڏهن توهان دٻاءُ ۾ ھوندا آهيو ته توهان اهو ئي ٻڌڻ چاهيندا آھيون جيڪو اوهان جي حق ۾ هجي ۽ اوهان جي مخالف جي خلاف ھجي.ڪڏهن ڪڏهن اوهان ڪنهن جي حوصلھ افزائي بھ ڪري رھيا ھوندا آهيو، ڪجهه يوٽيوبرز مون وٽ آيل هئا تھ ان وقت صديق جان کي اهو چيوھو.
مون چيو اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيا ويندڙ صحافي ڪيئن عمران خان جي ڪيمپ ۾ ھليا ويا ۽ اھڙا پڻ جن کي بڻايو ئي فوج ھو ؟ چيائين،بلڪل اسان ڪجهه صحافي ٺاهيا، انهن کي اسين خبرون بھ ڏيندا هئاسين، انهن کان پروگرام بھ ٺهرائيندا هئاسين. ٿيو ايئن جو جڏهن فوج جي ن ليگ سان ويڙهه شروع ٿي ته اسان کي اھڙن صحافين جي ضرورت هئي جيڪي انهن جي خلاف ڳالھائين يا انهن جي خلاف ھجن، اهڙي طرح اسان کي ARY جي ان ڪري ضرورت هئي ڇو ته هو اسان جي ڳالهه ڪندو ھو، چوڌري غلام حسين ۽ صابر شاڪر کي تھ مان فيلڊ ۾ بھ گڏ کنيو ھو. جڏهن فوج پنهنجي پاليسي تبديل ڪئي ته اسان کي اهڙن صحافين کي آھستي آھستي سان ٻڌائڻ گهرجي ها. آهستي آهستي انھن جو بيانيئو تبديل ڪرڻ گھرجي ھا ۽ انھن کي آھستي آھستي تبديل ڪجي ھا پر اسان ائين نه ڪيو ۽ پر اسان هڪدم پنهنجي سائيڊ بدلائي ڇڏيي، ان ڪري اھي اتي ئي رھجي ويا،ٻيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ تمام سٺو مھارت رکي ٿو، هو تمام وڏو چالاڪ ماڻهو آھي، بار بار ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ ماڻهو ان تي يقين رکندا ڪن ٿا. اوريا مقبول جان جو ذڪر ٿيو ته جنرل باجوا کليو ۽ چيو ته هو به صفا ھلڪڙو ماڻھو آهي، اڳي هن کي خوابن ۾ منهنجي باري ۾ بشارت ٿيندي ھئي۽ هاڻي منهنجي مخالفت ڪري ٿو، ارشاد ڀٽي سان شناسائي جي ذڪر تي جنرل باجوا چيو ھن کي مان جيو ۾ نھ رکرايو ھو.
ٿيو ائين جو هڪ ڏينهن منهنجو سھرو جنرل اعجاز امجد چيو ته توکي پنهنجي دوست جي گهر ڊنر تي وٺي وڃڻو آهي. جڏهن اسلام آباد ۾ سندس دوست جي گهر پهتاسين ته اھو صدرالدين هاشواڻي جو گهر هو، مان ان وقت ميجر جنرل هوس، اتي صدرالدين هاشواڻي ارشاد ڀٽي جو تعارف ڪرايو ته هو اسان جو ميڊيا سيٽ اپ ڏسي ٿو. ان کان پوءِ ارشاد ڀٽي صاحب مون وٽ اچڻ وڃڻ لڳو، جڏهن مان ڪور ڪمانڊر ٿيس ته به هو مون وٽ باقاعدي ايندو رهيو.
مون چيو ته مير شڪيل الرحمان کي جيل ڪنهن موڪليو؟ چيائين، مير شڪيل الرحمان کي عمران خان جيل ۾ وڌو هو، مون مير شڪيل الرحمان کي جيل مان ڪڍيو. مون عمران خان کي چيو ته مير شڪيل الرحمان ڪينسر جو مريض آهي ۽ هو جيل ۾ ئي مري ويندو، پوءِ هن ڳالھھ مڃي.
جنرل باجوا سان منهنجي ملاقات جي وقت ميڊيا ۾ شيخ رشيد جي گرفتاري جي خبر هلي رهي هئي، جنرل باجوا چيو ته شيخ رشيد گرفتار ٿي ويو آهي، ھن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو، اهو تھ صفا زيرو آهي.مون چيو ته هو تھ پاڻ کي جي ايڇ ڪيو جي تمام ويجهو سمجهي ٿو ۽ هو پاڻ به اھو ٻڌائيندو آھي. چوڻ لڳو،اهو ڪو، جي ايڇ ڪيو جي ويجهو ناهي،ھو اهڙا ڪوڙ ھڻندو رھندو آھي، جڏهن مان گورڊن ڪاليج ويو هوس ته ڇهه سال اڳ شيخ رشيد، ڪاليج مان نڪري ويو هو، مان تھ ھن سان زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا مليو آھيان، هڪ ڀيرو هو فيبروري 2022ع ۾ مون وٽ آيو ۽ چيو ھو تھ عمران خان کان حڪومت نٿي ھلي سگھي ڪجھھ ڪريو .شيخ رشيد جهڙي ڪوڙي ماڻهوءَ سان مان ڇو ملان، هن جي ڪا انٽيليڪٽ ليول ئي ناھي،صفا واندو آھي هو،مسلسل ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ ايئن ئي نجومين وانگر تاريخون ٻڌائي ٿو. جنرل باجوا مرڪندي چيو.
ملاقات دوران جڏهن مان جنرل باجوا کان سوال مٿان سوال پڇي رهيو هئس ته هن کلندي چيو ته ”تون به مون وانگر بيچين روح آهين،توھان صبر سان ٻڌندا ته سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو ۽ واقعي ائين ئي ٿيو.مون چيو ته ”توھان تمام سٺا ڪهاڻي ٻڌائيندڙ آهيو.جنرل باجوا کلندي جواب ڏنو ته جڏهن مان لمز يونيورسٽي ويو هوس. لمز يونيورسٽي اينٽي اسٽيبلشمينٽ سمجهي وڃي ٿي،پر مون اتي 6 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ڳالهايو، شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا.ان تي يونيورسٽي جي ريڪٽر چيو ته سائين، توهان کي استاد ھجڻ گھرجي ھا. توهان ڏاڍي رواني سان ڳالهايو ٿا.