ڪراچي (رپورٽر)گذريل سال سنڌ ۾ 217 مرد ۽ عورتون ڪارو ڪاري الزام ۾ قتل ٿيڻ جو انڪشاف، جيڪب آباد ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد قتل ٿيا ،پيپلزپارٽي جي ڳڙه لاڙڪاڻي ۾ به ڪارو ڪاري جي الزامن ۾ قتل عام، عورتن جي تنظيم سنڌ سهائي سٿ جي اڳواڻن جي دعوا. تفصيل موجب سنڌ سھائي سٿ جي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، انيس ھارون، انيتا پنجواڻي، فھميدا رياض ۽ ٻين جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال ڪارنھن الزام هيٺ قتل جا ڪيس گهٽ ته ناهن ٿي سگهيا ويتر تعداد وڌيڪ رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو اتر سنڌ ۾ عورتن جو قتلام عام ٿي ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن سميت گذريل سال 217 مردن ۽ عورتن کي ڪاروڪاري جي الزام ھيٺ قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اتر سنڌ ۾ عورتن کي رڍن ۽ ٻڪرين جيان ذبح ڪيو ٿو وڃي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بيوس بڻيل آھن.