ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت خدمت ۾ سڀ کان اڳتي آهي جنهن جو ثبوت سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ دل جي بيمارين جي سڀ کان وڏي اسپتال جي پيڙھ جو پٿر رکڻ جي صورت ۾ ڏنو آهي، جڏهن ته ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ اڄ تائين اهڙي اسپتال جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڳڙهي خدابخش بدران سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائي ويندي عاجز ڌامراهه چيو ته جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هئي اها هاڻي اپوزيشن ۾ آهي ۽ رياست ۽ حڪومت لاءِ چئلينج بڻيل آهي. انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ انصاف ڪٿي به نظر نه پيو اچي، رڳو لاڏلي لاءِ رليف آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو جو ڪنهن جي گاڏيءَ ۾ حاضري ٿي هجي. هن چيو ته پوليس کي ماريو ويو، سندن يونيفارم ڦاڙيا ويا، مٿن پيٽرول بم اڇلايا ويا. هن چيو ته ادارن جي تقدس جي پامالي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس ۾ به تيزي ڏيکاري وڃي. ايتري تيزي گم ٿيل ماڻهن لاءِ به ڏيکاري وڃي جيتري لاڏلي لاءِ ڏيکاري پئي وڃي. هن چيو ته هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه مختلف نظام نٿا هلي سگهن اسان جي خدشن جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ عوام روڊن تي نڪري پرامن احتجاج ڪندو.
مختلف شهرن ۾ برسات ۽ ڳڙو، نئون سسٽم به داخل
ڪراچي (رپورٽر ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن سان موسم ٿڌي ٿي وئي، جڏهن ته نئون سسٽم داخل ٿيڻ سبب وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. مختلف شهرن ۾ برسات ۽ ڳڙو پيو. منڊي بهاوالدين ۾ برف باري جو شڪ ڏيکاريو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف حصن 21 کان 24 مارچ دوران برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب هڪ مضبوط اولهه لهر 22 مارچ تي ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اثرانداز ٿيندي. نئين لهر دوران بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به 21 کان 23 مارچ دوران آنڌاري ۽ گجگوڙ سان ڪٿي برسات ته ڪٿي ڳڙي جو امڪان آهي.ميٽ آفيس جي رپورٽ موجب خيبر پختونخواهه ۾ تيز برسات سان گڏ ڳڙو به پئجي سگهي ٿو، ان دوران ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ به تيز برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آهي.