رمضان دوران گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 120 سيڪڙو مهانگائي رڪارڊ

اسلام آباد( م ڊ) گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال رمضان ۾ هڪ سو 10  کان هڪ سئو 20 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گذريل سال  رمضان جو مهينو اپريل جي وچ ۾ هو پر هن سال مارچ جي آخر ۾ ٿيندو، هن هڪ سال ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ به تبديلي آئي آهي. وفاقي شماريات واري اداري موجب هن سال رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان ڏهه ڏينهن اڳ 51 مان 48 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون. گذريل سال اٽي جو ڪلو 71 رپيا هو، اڄ اهو 160 رپيا في ڪلو آهي، اٽي جي قيمت ۾ 109 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان ڪري ان مان ٺهيل ڊبل روٽي جي قيمت ۾ 120 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي .  ڊبل روٽي 120 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي. رمضان المبارڪ ۾ ترڻ جي شين جو استعمال وڌي ويندو آهي. بيسڻ  گذريل رمضان ۾ 177 رپيا في ڪلو هو ۽ هاڻ 278 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، تيل به 625 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. حالتون ٻڌائي رهيون آهن ته هن سال عوام کي مهانگائي جو احساس ٿيندو. زرعي ملڪ قدرت جو تحفو آهي. جيڪڏهن ان جي پيداوار کي پارٽنرشپ ذريعي وڌايو وڃي ته طلب گهٽ ٿيندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.