اڄ گڏيل پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ٿيڻ جو امڪان

لاهور (معظم فخر) تحريڪ انصاف جي طرز سياست کي رياست دشمن قرار ڏيندي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ  ۽ اتحادي حڪومت عمران خان خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نامياري صحافي موجب هڪ ڏينهن اڳ حڪومتي اتحادين جو 6 ڪلاڪ گڏيل اجلاس ٿيو هو. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي سربراهن جو اجلاس ٿيو هو. ان اجلاس ۾ ئي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ اڄ  پارليامينٽ جي سڏايل گڏيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. اهڙا فيصلا ڪيا ويندا جيڪي سياسي مبصرن ۽ ميڊيا لاءِ ڇرڪائيندڙ هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ خلاف سختڪارروائي  لاءِٺهراءُ پاس ڪيو ويندو جنهن جي بنياد تي وفاقي ڪابينا مان ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ورتي ويندي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي فوج خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪندڙن لاءِ به سخت سزا تجويز ڪئي ويندي. ڪيس فوج پاڻ داخل ڪندي ۽ ثبوتن آڌار ملوث جوابدارن کي عمر قيد جي سزا به تجويز ڪئي ويندي. جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ فوري طور چونڊون نه ڪرائڻ بابت به سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ اتحادي حڪومت ۾ اتفاق آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.