ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، 4 ڄڻا فوت

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد سميت پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس  ڪيا ويا. اسلام آباد ۾ هڪ شهري دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. پشاور، ڪوهاٽ، صوابي ۾ به زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، انکانسواءِ زلزلي جا جهٽڪا لاهور، ڪوئيٽا ۽ راولپنڊي ۾ به محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته بهاولپور، لوڌران، ڊي جي خان، ميانوالي، خانيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، پاراچنار، ڪرڪ ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. لکي مروت، مردان، باجوڙ، نوشهرا ۽ آسپاس جي علائقن ۾به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. اسڪردو ۽ چلاس ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ڀَوَ ۾ آيل ماڻهن پهرين ڪلمي جو ورد پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري رخ ڪيو. زلزلي جي شدت 6.6 رڪارڊ ڪئي وئي، هن وقت تائين ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصانن جا اطلاع ناهن مليا. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته زلزلو پاڪستاني وقت موجب نوَ وڄي ستيتاليهه منٽ تي آيو، زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جو خطو هو. مختلف شهرن ۾ ماڻهو خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.    هوڏانهن زلزلي جا لوڏا افغانستان، تاجڪستان، ڪرغزستان، قازڪستان ۽ ڀارت ۾ محسوس ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.