اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياري اداري(آءِ ايم ايف) چيو آهي ته حڪومت گهٽ آمدني وارن جي لاءِ پيٽرول تي سبسڊي بابت ڪابه مشاورت ناهي ڪئي. بلوم برگ موجب پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پريز ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان موٽر سائيڪل ۽ گاڏين وارن بابت اسڪيم تي عالمي مالياتي فنڊ کان ڪوبه مشورو يا رابطو ناهي ڪيو. ايسٽر پريز چيو ته آءِ ايم ايف اسٽاف ان حوالي سان تفصيل چاهي ٿو جنهن ۾ هن اسڪيم جا ٽرمز اينڊ ڪنڊيشن، لاگت، ٽارگيٽنگ، اسڪيم جو غلط استعمال ۽ ٻين قدمن بابت حڪومت سان انتهائي محتاط ٿي ڳالهيون ڪيون وڃن. 03