حيدرآباد(رپورٽر) چمبڙ لڳ ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسي محمد علي اوٺو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 6 مهينا اڳ سندس نياڻي مهرالنساء کي سندس سهري ۽ مڙس تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي ۽ جوابدار به گرفتار ٿيل آهن پر جوابدار ڌر بااثر هجڻ ڪري ڪيس تي اثر انداز ٿي رهي آهن. هن چيو ته ساماري اسپتال پاران جاري ڪيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ به مهرالنساء جي موت جو ڪارڻ تشدد ڄاڻايو ويو آهي، اهڙي رپورٽ لمس ڄامشورو ۽ سکر جي ليباريٽري مان به اچي چڪيون آهن پر جوابدار ڌر بااثر هجڻ ڪري رپورٽون اسان کي ڏنيون نه ٿيون وڃن. هن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ لاڳاپيل اختارين کي اپيل ڪئي ته مهرالنساء قتل ڪيس سندن جي قانوني مدد فراهم ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.