نوري آباد ويجهو مزدا ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت

نوري آباد (ن ع آ) نوري آباد ويجھو پاور سيمنٽ  فيڪٽري ڀرسان ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ مزدا جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ ٽنڊوالهيار جي رهواسي آصف علي ولد محمد جميل مغل جي نالي سان ڪئي وئي جيڪو مزدا جي پويان ويٺل هو مزدا ڪلٽي ٿيڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳا جنهن سبب زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جي مڙهه کي نوري آباد ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو پوليس جي ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو‎‎.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.