ٺل (رپوٽ: الهوڌايو ڀٽي )ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ اختيار نوناري جا رھواسي حسيب نوناري ۽ عبدالرئوف نوناري کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا جنھن بعد پوليس انتظاميه پاران ڪک کڻي ٻيڻو نه ڪيو،آل پاڪستان نوناري ايسوسيشن جي سڏ تي رئيس منظور احمد نوناري، محمد عالم نوناري، ذوالفقار نوناري ، عطاء الله نوناري ٻين جي اڳواڻي م ٺل باءِ پاس تي ھٿن م پلي ڪارڊ ء بينر کڻي روڊ بلاڪ ڪري مظاھرو ڪيو ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو ھنيو ويو اتي موجود نوناري برداري جي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلغي م بدامني جي باھ ڀڙڪي چڪي آهي ڪلھ ڏينھن جي روشني م ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي ڪنڌڪوٽ مان اسان جي نوجوانن کي اغوا ڪري کڻي آساني سان فرار ٿي ويا ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون ۽ ڊي آئي جي ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته جلد از جلد مغوين کي ڌاڙيلن جي چمبي مان آزاد ڪرايو وڃي نه ته ٻيئي صورت م سڄي سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا