دادو(ڊ ر) دادو شهر جي ورڪشاپ محلا جي رهواسڻ بيواهه عورت عاقله بيگم جلالي جو سي آءِ اي انچارج جي ڀاءُ ۽ پوليس اهلڪار خلاف احتجاج، ورڪشاپ محلا جي رهواسڻ بيواهه عورت عاقله بيگم دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجي پٽ جاويد عرف شاني جلالي کي پوليس اهلڪار ذيشان سولنگي بنا جواز تنگ ڪري رهيو آهي پوليس اهلڪار خلاف احتجاج ڪرڻ تي سي آءِ اي انچارج ميهڙ ڪي اين شاهه جو ڀاءُ ۽ ٻيا هٿيار کڻي گذريل رات دير سان گهر اچي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو، غير اخلاقي ٻولي جو استعمال ڪندي گارگند ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن، هن چيو ته پٽ ۽ گهر ڀاتين جي زندگي کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.