ڪوٽڙي (ن ع آ) پنجاب واسي پورهيت جو 13 سالا نينگر ٽن ڏينهن کان گم بڻيل، اين سي داخل، پورهيت نينگر جي مامي جو احتجاج، بهاولپور احمد پور شرڪيا جو رهواسي عبدالمجيد چگتا دانهيندي ٻڌايو ته پنهنجي 13 ورهين جي ڀاڻيجي محمد عاقب سميت ٻن مهينن کان ڄامشورو سوسائٽي ۾ فارسلنگ جي ڪم سانگي ترسيل آهيون ڀاڻيجو عاقب ٽي ڏينهن اڳ چانهه وٺڻ لاءِ ويو ته واپس نه ورتو، حد جي ٿاڻي تي اين سي پڻ ڪرائي آهي پر پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، مزدوري لاءِ آياسين خبر ناهي نينگر کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، هن اعليٰ اختيارين ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته گم ٿيل نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.