جيڪب آباد ۾ مهانگائي ۽ بدامني خلاف جي يو آءِ جي ريلي، ڌرڻو

جيڪب آباد(رپورٽ: حضور بخش سومرو) جمعيت علماءِ اسلام ۽ جمعيت طلباءِ اسلام پاران رمضان آرڊيننس تي عمل ڪرڻ، مھانگائي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ھڪ احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، جي ٽي آء جي ضلعي صدر محمد حنيف ٻرڙو، مولانا عبدالجبار رند، ۽ ٻين ھٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي نعريبازي ڪري شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو . ان موقعي تي مقررين چيو ته رمضان آرڊيننس تي عمل ڪرڻ تي سرعام ان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي، مھانگائي ۽ ذخيرا اندوزي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي ٻين ملڪن ۾ حڪومت سان گڏ پرائيويٽ ادارن پاران به بنيادي ضرورت جي شين تي عوام کي وڏو ريليف ڏنو ويندو آهي پر ھتي ھٿرادو مھنگائي عوام لاءِ عذاب بڻجي ويندو آهي ھتي ته مئجسٽريٽ به مھانگائي ۽ ذخيرا يجياندوزي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا آھن. انھن مطالبو ڪيو ته رمضان آرڊيننس تحت مخصوص هوٽلن کي کولڻ جي اجازت ڏني وڃي، مھانگائي ۽ ذخيرا اندوزي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.