ڄام صاحب ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊجيٽل آدمشماري خلاف پيادل مارچ

ڄام صاحب (ن ع آ) ڄام صاحب ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي، بک ۽ بدحالي خلاف قومي عوامي تحريڪ  اڳواڻ ڪامريڊ ابراهيم بگٽي، نسيم پلھه، مير محمد منگي ۽ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قلندري پئٽرول پمپ کان شاھپورچاڪر چونڪ تائين پيادل مارچ ڪيو ويو،  ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سان اسان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ سازش آهي جنهن تي سموري سنڌ کي تحفظات ۽ خدشات آهن،  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت رڪارڊ مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هن وقت غريب ۽ مزدور طبقو مهانگائي سبب ماني ڳڀي لاءِ پريشان بڻيل آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڊجيٽل آدمشماري جو فيصلو واپس وٺي مهانگائي تي ضابطو آڻي سنڌ واسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.