گهر ويٺي پڙهائي واري ايپ ٽيلي اسڪول جو افتتاح

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي سيڪريٽري وسيم اجمل چيو آهي ته ٽيلي اسڪول ايپليڪيشن معياري تعليم جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي آهي، ان سان تعليمي ادارن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

وزيراعظم هائوس ۾ ٽيلي اسڪول پاڪستان ايپليڪيشن جي افتتاح جي موقعي تي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري تعليم وسيم اجمل چيو ته ان ڪم ۾ اسان کي ورلڊ بينڪ ۽ گوگل انٽرنيشنل سميت ٻين پارٽنرز جو سهڪار حاصل آهي ۽ انهن جي مدد آهي.

هن چيو ته اڳ ۾ نصاب کي ڊجيٽل مواد ۾ تبديل ڪيو ويو هو، هن ايپليڪيشن جو مقصد اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ڀرپور تعليم ڏيڻ آهي.

تعليم واري سيڪريٽري ٻڌايو ته هن ايپ تحت 6 چينل دستياب هوندا.

ٽيلي اسڪول تعليم گهر جي نالي سان هڪ ايپ ٺاهي وئي آهي جنهن کي ڊائون لوڊ ڪري اڪائونٽ ٺاهي شروع ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.