ملڪ ۾ بئنڪون هڪ نه پر 4 ڏينهن بند رهنديون!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته جمعي ڏينهن بئنڪون بند رهنديون.

اسٽيٽ بئنڪ جي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان موجب مرڪزي بئنڪ سميت ملڪ جون سڀ بئنڪون 24 مارچ جمعي تي عوامي ڏي وٺ لاءِ بند هونديون.

بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مرڪزي بئنڪ سميت سڀني بئنڪن جي بندش جو وڏو سبب رمضان المبارڪ جي زڪوات جي ڪٽوتي ڪرڻ آهي.

واضح رهي ته 23 مارچ تي اڳ ئي موڪل آهي ۽ ان ڏينهن به بئنڪون بند رهنديون.

ياد رهي ته ملڪ ۾ هر هفتي ڇنڇر ۽ آچر تي بئنڪون بند رهنديون آهن، ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سڄي ملڪ ۾ بئنڪون خميس کان آخر تائين 4 ڏينهن بند رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.