ميرپورماٿيلو: (ويب ڊيسڪ) ڳوٺ ڊرنگ ويجهو ڌاڙيل ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا جڏهن ته فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.
سي پيڪ جي پڪٽ نمبر 64 وٽ ڌاڙيلن مسافر ڪوچ، ڪار ۽ مزدا تي فائرنگ ڪئي جنهن بعد هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا.
فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن کي ميرپورماٿيلو نيو ويو، زخمين ۾ عورت مينا سولنگي ۽ عبدالغفار چنڙ شامل آهن.