رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پنهنجي فلمي سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ لاءِ 234 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سعودي عرب سياحت کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ فلمي سيڪٽر کي وڌائڻ لاءِ به رٿابندي ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ مختلف منصوبن تي سيڙپڪاري به جاري آهي.
سعودي ميڊيا موجب سعودي عرب جي ڪلچر ڊويلپمينٽ فنڊ طرفان ملڪ ۾ فلمي سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ لاءِ 234 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.
ان جو مقصد نجي شعبي کي بااختيار بڻائڻ سان گڏ مقامي مواد کي هٿي ڏيڻ لاءِ مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي مالياتي پيڪيجن جي آڇ ڪرڻ آهي ته جيئن سعودي فلم انڊسٽري کي سپورٽ ڪري سگهجي.