ايپل ڪمپني واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ خوبصورت پيلي رنگ جي آءِ فون 14 ۽ 14 پلس متعارف ڪرائي ڇڏي.
ڪمپني طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ فون 14 ۽ 14 پلس متعارف ڪرائي وئي، جنهن جي بڪنگ کولي وئي آهي.
اهو نئون ماڊل ريٽيل اسٽورز ۾ واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
ان پيلي رنگ جي آءِ فون جي فيچرز ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي، واهپيدارن لاءِ سٺي ڳالهه اها آهي ته ان جي قيمت عام آءِ فون 14 ۽ 14 پلس واري ئي مقرر ڪئي وئي آهي.
اها فون آمريڪا، چين، فرانس ۽ ڀارت سميت 60 کان وڌيڪ ملڪن لاءِ دستياب هوندي.