موسمياتي تبديلين جي وڌيڪ هڪ خطرناڪ اثر جو انڪشاف

هن وقت تائين اهو خيال ڪيو ويندو هو ته سخت گرميءَ جو اثر رڳو سطح تي رهندڙ جاندارن کي ئي ٿيندو آهي پر هاڻي سمنڊ جي گهرائي ۾ به ان جو مشاهدو ڪيو ويو آهي.

اهو پهريون ڀيرو آهي جو سائنسدانن سمنڊ جي گهرائي ۾ به سخت گرمي جي اثرن کي دريافت ڪيو آهي جنهن سان دنيا ۾ موسمي تبديلين جي هڪ وڌيڪ خطرناڪ اثر جو اشارو ملي ٿو.

جرنل نيچر ڪميونيڪيشن ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سخت گرمي سان منهن ڏيڻ اسان جي زمين جي سطح تي رهندڙن کي ناهي ٿيندو پر ان سان سامونڊي زندگي کي به نقصان پوندا آهن.

ان تحقيق ۾ سمنڊ جي گرمي پد ۾ واڌ جو جائزو ورتو ويو ۽ ڏٺو ويو ته پاڻي جي هيٺان سامونڊي هيڊ ويو جي شدت تمام گهڻي هوندي آهي جنهن سان پاڻي جو گرمي پد 0.5 کان 3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي ويندو آهي.

آمريڪا جي نيشنل اوشنڪ اينڊ ايٽماسفيئرڪ ايڊمنسٽريشن (اين او اي اي) جي ان تحقيق ۾ شامل ماهرن ٻڌايو آهي ته اسان ڏهه سال کان مٿي عرصو سمنڊ جي سطح تي هيٽ ويو جو مشاهدو ڪري رهيا هئاسين.

هنن ٻڌايو ته پهريون ڀيرو اسان اهو جائزو ورتو آهي ته سطح تي هيٽ ويو جي ڪري سمنڊ جي گهرائي ۾ ڪهڙا اثر پوندا آهن.

هنن جو اهو مڃڻ آهي ته سمنڊن جي گهرائي ۾ هيٽ ويو سان سڄي دنيا جي لاءِ بحري نظام تي ڊرامائي اثر پيا آهن جڏهن ته ننڍي ۽ وڏي هر قسم جي سامونڊي زندگي متاثر ٿي آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ڪري وڌندڙ گرمي پد جو نوي سيڪڙو سمنڊ جذب ڪندا آهن ۽ پاڻي جي اندرين گرمي پد ۾ هڪ صدي دوران ڏيڍ ڊگري سينٽي گريڊ واڌ ٿي آهي.

ماهرن چيو ته گرمي پد وڌڻ سان سامونڊي هيٽ ويو جي شرح ۾ گذريل ڏهاڪي دوران پنجاهه سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

تحقيق ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته هوا جي سطح تي گرمي پد ۾ واڌ نه ٿيڻ تي به سمنڊ جي گهرائي ۾ هيٽ ويو سان منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

ماهرن چيو آهي ته اهو ته واضح آهي ته اسان کي سمنڊ جي گهرائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اتي رهندڙ جاندارن جي سطح جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف قسم جي هيٽ ويوز سان منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.