ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن پاڪستان ۾ سون سستو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن پاڪستان ۾ سون سستو ٿيو آهي.

پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت هڪ هزار رپيا گهٽجڻ کانپوءِ ٻه لک 7 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 858 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 77 هزار 726 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1982 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.